حبيب الله حبيب شهدادڪوٽي

حبيب الله حبيب ’شهدادڪوٽي‘: سنڌ جو ناليوارو عالم ۽ شاعر، مولانا حبيب الله ولد مولانا سعد الله اعواڻ، 21 فيبروري 1869ع تي پنجاب جي ڳوٺ گاگن هٽان ضلعي ملتان ۾ ڄائو. هن درس نظاميءَ تائين تعليم پنجاب جي مختلف مدرسن ۾ حاصل ڪئي، جنهن کان پوءِ 1910ع ۾ پنجاب کي ڇڏي سنڌ ۾، شڪارپور تعلقي جي ڳوٺ ’ميان جي وانڍ‘ ۾ اچي رهيو، جنهن بعد 1927ع کان وٺي شهدادڪوٽ ۾ سڪونت اختيار ڪيائين، جتي درگاهه صديقيه ۾ درس ۽ تدريس جو سلسلو شروع ڪيائين ۽ درگاهه سان منسلڪ مسجد شريف ۾ جمعي جو خطبو ڏيندو هو. اها مسجد اڄ به ’حبيب مسجد‘ طور مشهور آهي. مولانا حبيب الله کي شاعريءَ جو ننڍپڻ کان ئي شوق هو. هن پهريان فارسي، سرائيڪي ۽ اردوءَ ۾ شاعري ڪئي ۽ اڳتي هلي سنڌي، پنجابي ۽ عربيءَ ۾ به شاعري ڪيائين. شاعريءَ ۾ نعت سندس پسنديده صنف هئي. سندس ڪلام ۾ حق، سچ جي پرچار ۽ معاشرتي براين تي تنقيد موجود آهي. مولانا حبيب الله شهدادڪوٽيءَ جي چونڊ سنڌي ڪلام جو مجموعو سندس شاگرد سيد گل محمد شاهه بخاريءَ ترتيب ڏئي 1992ع ۾ ’فڪر ِحبيب‘ جي نالي سان ڇپرايو. سندس سنڌي، اردو ۽ فارسي ڪلام قلمي صورت ۾ گل محمد شاهه بخاريءَ وٽ موجود آهي، جنهن ۾ مثنوي ’ميلاد نامو‘ به شامل آهي.
حبيب الله اصل پنجابي هئڻ باوجود سنڌ ۾ رهي مڪمل سنڌي ٿي ويو. سنڌي ٻوليءَ سان بي انتها محبت جي جهلڪ سندس شاعريءَ مان ملي ٿي. هو ’شهدادڪوٽي‘ سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو هو. هن سموري عمر شادي نه ڪئي پيرسنيءَ ۾ اباڻي ڳوٺ گاگن ويو، جتي 5 جنوري 1992ع تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1869.02.21  عيسوي

سنڌ جو ناليوارو عالم ۽ شاعر، مولانا حبيب الله ولد مولانا سعد الله اعواڻ، 21 فيبروري 1869ع تي پنجاب جي ڳوٺ گاگن هٽان ضلعي ملتان ۾ ڄائو.


1992.01.05  عيسوي

5 جنوري 1992ع تي وفات ڪيائين.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بديع الجمال
تميزالدين مولوي
ڊاڪٽر ڊيوئارٽ
رحيم بخش بدوي
خليفو عبدالحميد چانڊيو حڪيم
ريکا
عبدالرزاق کهڙو
حسين بخش ناريجو
عبدالستار زرگر
تحريما ميٺا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون